واءِ فاءِ ذريعي ديوارن جي ٻئي پاسي به ڏسي سگهجي ٿو

Wifiاسان ڄاڻون ٿا ته واءِ فاءِ ديوارن مان به گذري سگهي ٿي، ڇو ته هڪ ڪمري جو روٽر ٻئي ڪمري ۾ سگنل موڪليندو آهي، پر ان ڪيفيت کي استعمال ڪندي ڪمري ۾ موجود شهين مثال طور ميز، ڪرسي ۽ انسانن جا ٿري ڊي هولو گرام ٺاهي انهن جي موجودگي جي تصديق ڪري سگهجي ٿي ـ

ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ميونخ جي 23 سالن جي شاگرد فلپ هول جو چوڻ آهي ته واءِ فاءِ سان ڪنهن به ڪمري کي اسڪين ڪري اسڪين ڪري سگهجي ٿو، هن شاگرد هڪ ننڍڙو اوزار ٺاهيو آهي، جنهن جا تفصيل فزيڪل ليٽر نالي هڪ جنرل ۾ شايع ٿيا آهن، هي هڪ آزمائشي اوزار آهي، جيڪو ڪمري ۾ رکي شين سان ٽڪرائڻ ۽ ٻيهر واپس ايندڙ واءِ فاءِ جي لهرن ذريعي ان شيءَ جو خاڪو ٺاهي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪمري جي ميز تي ڪوپ رکيو وڃي ته ان کي ان ئي حالت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، مختصر يا ڪنهن به 4 سينٽي ميٽر ڊگهي شيءَ کي به ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته واءِ فاءِ جي هڪ ٻن اينٽائن سان ڪمري جي شين جون (ٽو ڊائمينشنل) تصويرون به ڪڍي سگهجن ٿيون، پر فلپ جي تيار ڪيل نظام ڪمري جي هڪ هڪ شيءَ جو ٿري ڊي هول گرام بڻائي سگهي ٿو ـ

هن نظام ۾ 2 اينٽينائون آهن، هڪ بيٺل رهندي آهي ۽ ٻي حرڪت ڪندي رهندي آهي، فڪسڊ اينٽينا واءِ فاءِ سان بيڪ گرائونڊ (پسمنظر) جون تصويرون ڪڍندي رهندي آهي، جڏهن ته هڪ اينٽينا کي گهمائي شين جون مختلف رخن کان تصويرون ڪڍي سگهجن ٿيون، ان دوران هڪ سافٽ ويئر فوري طور تي ان جو نقشو ٺاهيندو رهندو آهي، جڏهن ته هن وقت ٺوس شين جا ڌنڌلا هولو گرام ٺهي رهيا آهن، پر تمام جلدي هن ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، فلپ جو چوڻ آهي ته هڪ اضافي ريفرنس اينٽينا ذريعي حادثن ۾ ملبي هيٺيان دٻيل ماڻهن جي هن سسٽم ذريعي مڪمل نشاندهي ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته هن سسٽم کان جاسوسي جو ڪم به وٺي سگهجي ٿو ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s