سائنس جي نظر ۾ روزي جا نقصان

Welcome Ramdanرمضان جو مهينو مسلمانن جي لاءِ ڀلارو مهينو ڪري مڃيو وڃي ٿو، ان مهيني ۾ مسلمان روزا رکن ٿا، پر روزي رکڻ سان انهن جي صحت تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟
اهو ته قابل قبول آهي ته روزو رکڻ بيمار ماڻهن جي صحت لاءِ صحيح نه آهي پر ڇا ان سان صحتمند ماڻهو کي ڪو فائدو ٿئي ٿو يا اها صرف مذهبي روايت آهي ان سان صحت جو ڪوبه تعلق نه آهي؟
مسلمانن جي لاءِ روزو صرف هڪ صحتمند ماڻهو تي لازم آهي، ڪجھ مسلمان ڊاڪٽرن کان اهو ثابت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته روزو صحت لاءِ فائديمند آهي، هر سال اسلامي ميڊيا روزو رکڻ جا فائدا بيان ڪري ٿي پر انهن ۾ ڪيتري سچائي آهي؟ انهن جو چوڻ آهي ته روزو رکڻ سان دماغي صحت کي فائدو پهچي ٿو ۽ ان سان ماڻهن کي هڪ غريب جي بک جو احساس به ٿئي ٿو ـ
سائنس ۾ اهڙو ڪو ثبوت نه آهي ته روزو رکڻ سان ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو. بلڪي روزو رکڻ سان ٿوري ۽ گهڻي وقت لاءِ ڪافي صحت تي اثر ٿئي ٿو. تحقيق سان اهو ثابت ٿيو آهي ته روزو وزن جي وڌڻ جو سبب به ٿئي ٿو، گهڻا ماڻهو اهڙن کاڌن جو استعمال ڪندا آهن جنهن ۾ گهڻي مقدار ۾ ڪئلوريز شامل هوندا آهن انهي سبب جي ڪري انهن کي وزن جو وڌڻ جو مسئلو ٿئي ٿو ـ
گهڻي وقت لاءِ کاڌو نه کائڻ سان مٿي جو سور، سستي، گهٽ بلڊ پريشر ۽ غير معمولي دل جي ڌڙڪڻ جون عام بيماريون ٿين ٿيون. جيڪي ماڻهو روزا رکن ٿا اهي ٻين ڪم ڪارن ۾ به گهٽ ڌيان ڏين ٿا، جيئن گاڏي هلائڻ. روزو جسم ۾ دوا جي جذب ٿيڻ جي صلاحيت ۾ رنڊڪ وجهي ٿو ـ
نه صرف روزو اسان جي مدافعتي نظام کي خراب ڪري ٿو پر اهو اسان جي جسم جي عضون جهڙوڪ لِوَر ۽ ڪڊني کي به نقصان پهچائي ٿو، گهڻو وقت تائين کاڌو ۽ پاڻي نه پيئڻ سان اسان جي جسماني فعل ۾ نقصان پهچي ٿو. هڪ ڪئنسر جي مريض لاءِ روزو هن جي موت جو سبب به ٿي سگهي ٿو. روزو رکڻ سان اسان جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ رهي ٿي ۽ انهيءَ کان علاوه اسان جي ڪڊني کي نقصان رسي ٿو
 ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s