هئڊروجن جي تاريخ

Hydrogenڇا اوهان کي خبر آهي ته هئڊروجن 1671ع ۾ روبرٽ بوائل نالي هڪ سائنسدان جست جي ڌاتوءَ تي هلڪي لوڻ جي تيزاب جي ڪيميائي عمل ڪرائڻ سان دريافت ڪئي ـ
ـ 1766ع ۾ ڪئوينڊش هن گئس جو نالو هئڊروجن رکيو، ڇاڪاڻ ته اها هوا ۾ ٻرڻ سان پاڻي تيار ڪري ٿي، يوناني ٻوليءَ ۾ هئڊرو جي معني پاڻي آهي ۽ جينن جي معني تيار ڪندڙ آهي انهي ڪري هئڊروجن جي لفظي معني پاڻي تيار ڪندڙ آهي ـ
هئڊروجن سڀني معلوم ڪيل عنصرن مان هلڪي ۾ هلڪو عنصر آهي، اها پيرياڊڪ ٽيبل ۾ سڀني کان پهريان رکيل آهي. هئڊروجن جي مرڪز يا نيوڪليئس ۾ فقط هڪ ئي پروٽان آهي، انهي جو ائٽمي نمبر به هڪ آهي ۽ مايو به هڪ آهي. هئڊروجن بي رنگ، بي بوءِ ۽ بي ذائقه گئس آهي، هئڊروجن تمام تيز باھ پکيڙيندڙ آهي ـ
هئڊروجن تمام گهڻن ڪمن ۾ استعمال ٿيندي آهي، جيئن مصنوعي ڀاڻ ٺاهڻ، کاڄرو تيل مان گيھ تيار ڪرڻ، تارن واراو بلب ٺاهڻ ۽ ڌاتن کي صاف ڪرڻ وغيره ـ
هئڊروجن دنيا ۾ وڌيڪ مقدار ۾ ملندڙ عنصر آهي، سج ۽ ٻيا تارا گهڻي قدر هئڊروجن جا ٺهيل آهن. جڏهن ڪو تارو ٺهندو آهي ته هئڊروجن جو وڏو مقدار پنهنجي ثقلي ڪشش جي ڪري پنهنجو پاڻ مٿان ڊهڻ شروع ڪندو آهي، جيئن جيئن اهو سسندو آهي ته هئڊروجن جا ائٽم هڪ ٻئي سان ٽڪرائجندا آهن ته اهي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ٽپا ڏيڻ بدران هليم ٺاهيندا آهن. خارج ٿيل گرمي ئي تاري کي چمڪائيندي آهي. سموري ڪائنات جو 75 سيڪڙو هئڊروجن مان ٺهيل آهي جيڪو زورائتي ٺڪاءُ وقت ٺهيو، پر تڏهن به اها ڌرتي جي ڪل مايي جو فقط 0.75 سيڪڙو آهي ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s