جيوگهرڙو ڇا آهي؟

Stem Cellڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان ڇا جا ٺهيل آهيون؟ جيئن هڪ ڀت سرن جي ٺهيل آهي اهڙي طرح سڀ جاندار جيوگهرڙن جا ٺهيل آهن، انساني جسم ڪروڙين مختلف جيوگهرڙن جو ٺهيل آهي. جيوگهرڙو زندگي جو بنيادي ايڪو آهي جيئن ڪيميا ۾ ائٽم آهي. جيوگھرڙا ايترا ته ننڍا هوندا آهن جو انهن کي ڏسڻ جي لاءِ خوردبيني جي ضرورت پوي ٿي. ڪجھ جاندار هڪ گھرڙي مان ٺهيل ٿين ٿا، جيئن بيڪٽيريا ۽ ايموبا. ٻن قسمن جا جيوگهرڙا ٿين ٿا. يوڪيريوٽڪ ۽ پوڪيريوٽڪ ـ
يوڪيريوٽڪ جيوگهرڙن ۾ نيوڪليائي پردو ٿئي ٿو ۽ انهن کي نيوڪليس به هوندو آهي. اهي جيوگهرڙا ٻوٽن ۽ جانورن ۾ ٿين ٿا ـ
پوڪيريوٽڪ جيوگهرڙن کي نه ئي نيوڪليائي پردو ٿئي ٿو ۽ نه ئي انهن کي نيوڪليس هوندو آهي. اهي خاص طور تي هڪ گهرڙن وارن جاندارن ۾ ٿين ٿا جيئن بيڪٽيريا ـ
جيوگهرڙي کي هڪ شهر وانگر تصور ڪيو جيئن هڪ شهر ۾ مختلف جڳهن تي مختلف ڪم سرانجام ڏنا وڃن ٿا اهڙي طرح جيوگهرڙي جا به مختلف حصا ٿين ٿا جيڪي پنهنجو ڪم ڪن ٿا. سڀني جيوگهرڙن کي سيل ميمبرين ٿئي ٿو. هيءَ هڪ سنهي تھ جو ٺهيل ٿئي ٿو، پاڻي، آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ کاڌو ان مان ئي داخل ۽ خارج ٿئي ٿو. هي جيوگهرڙن جي سڀني قسمن جي نيوڪليس ۽ سائٽوپلازم جي چوڌاري ٿئي ٿو. اهي ڪجھ مخصوص ماليڪيول کي گذرڻ ڏين ٿا. سائٽو پلازم جيليءَ وانگر مادو ٿيندو آهي، هي سڄي جيوگهرڙي کي ڀري ڇڏي ٿو ۽ هن ۾ ننڍا ننڍا جسم هوندا آهن جيئن نيوڪليس ۽ جيوگهرڙي جا ڪجھ عضوا. جيوگهرڙي جي اهم حصن مان نيوڪليس هڪ اهم حصو آهي، هي گولائي ۽ بيضوي شڪل ۾ هوندو آهي. جانورن ۾ اهو وچ ۾ ٿيندو آهي، جڏهن ته ٻوٽن ۾ اهو حصو جيوگهرڙي جي پاسي ۾ هوندو آهي. جيئن ته اسان مٿي پڙهي آيا هئاسين ته ڪجھ جاندرا هڪ گهرڙن وارا ٿين جن هڪ گهرڙي جاندار چيو وڃي ٿو، اهي پنهنجي گهرڙي ۾ موجود عضون سان پنهنجو وجود برقرار رکن ٿا. جيوگهرڙو هڪ دفعو وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جاندار ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته ڪي جيوگهرڙا انهي حد تائين محدود ٿي ويندا آهن پر ڪي وري پنهنجي واڌ کي وڌيڪ جاري رکندا آهن. ڪي جيوگهرڙا گڏجي ميڙ جي صورت اختيار ڪندا آهن ۽ اهي گڏجي گهڻ گهرڙي حياتي ٺاهيندا آهن. اهڙن جيوگهرڙن جو ميڙ جيڪي بناوت ۽ ڪم ڪرڻ جي لحاظ کان هڪجهڙا ٿين ٿا انهن کي اوڄا يعني ٽشوز چئبو آهي جيئن جيئن اوڄا پيچيدا ٿيندا وڃن ٿا تيئن تيئن عضون جو ٺهڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s