ڪشش ثقل (هڪ پرڪشش زور) ـ منير حسين

Gravityجڏهن اوهان ڪنهن اوچائي تان ڪنهن شي کي ڪيرايو ٿا ته اها هيٺ ڪري ٿي، اها ته سڀني کي خبر آهي پر ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اها هيٺ ڇو ٿي ڪري، اها آسمان طرف ڇو نه ٿي وڃي؟ جڏهن ڪو رانديگر بال کي بيٽ سان ڌڪ هڻي ٿو ته بال ڪجھ اوچائي تي پهچي پوءِ واپس هيٺائين طرف رخ ڪري ٿو. اصل ۾ اهو زمين جي ڪشش ثقل جي ڪري آهي، اها ڪشش ثقل ئي آهي جيڪا هر شي کي مجبور ڪري ٿي ته هو زمين جي طرف ئي ڪري. زمين جي ڪشش ثقل چنڊ کي ان سان ڳنڍي رکي ٿي ۽ سج جي ڪشش ثقل وري زمين کي مجبور ڪري ٿي هو ان جي چوڌاري ڦري. ڪشش ثقل جي ڪري شمسي نظام جا سڀ جسم سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا ۽ ڪشش ثقل جي ڪري ئي تارن جو ميڙ گڏجي، هڪ ڪهڪشان ٺاهي ٿو ـ
گليليو ڪشش ثقل کي متعارف ڪرايو، هن اهو ثابت ڪيو ته مختلف وزنن وارا جسم به ساڳي رفتار سان هيٺ ڪرن ٿا، ان کان اڳ اهو يقين رکيو ويندو هو ته ڳرو جسم زمين جي وڌيڪ ڇڪ جي ڪري هلڪي جسم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان هيٺ ڪرندو. هڪ وزندار جسم هڪ کنڀ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان ڪرندو پر اهو فقط ان جي ڪري ته هوا جي رڪاوٽ کنڀ جي رفتار کي گهٽائي ٿي. جيڪڏهن ٻه اهڙا مختلف وزنن وارا جسم هڪ ئي وقت هيٺ ڪيرائجن جن کي هوا جي گهڻي رڪاوٽ نه ٿئي ته ٻئي جسم ساڳي رفتار سان هيٺ ڪرندا ـ
گليليو کان پوءِ آئزق نيوٽن ڪشش ثقل کي وڌيڪ واضع ڪيو، آئزق نيوٽن جي مطابق نه صرف صوف وڻ جي ٽاري مان ڪري زمين طرف ڪري ٿو پر چنڊ به انهي زمين جي ڪشش ثقل جي ڪري زمين طرف ڪري ٿو. ته پوءِ ڇا چنڊ واقعي زمين طرف ڪري ٿو؟ جيڪڏهن اسان زمين جي هڪ ڪنڊ مان بال کي تيزي سان اڇلايون ٿا ته اهو ڪجھ مفاصلو طئي ڪري واپس زمين طرف ڪري ٿو، ۽ جي اسان بال کي اڃا به تيزي سان اڇلائينداسين ته هو ڪجھ وڌيڪ مفاصلو طئي ڪري پوءِ هيٺ ڪرندو. ان کان پوءِ نيوٽن اهو طئي ڪيو ته جيڪڏهن انهي بال کي 17500 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڇلائجي ته هو زمين جي چوڌاري چڪر ڪندو رهندو. چنڊ کي نه صرف زمين جي ڪشش ثقل جي قوت وارو زور آهي پر هو ٻئي پاسي ڏانهن به سفر ڪري ٿو ۽ انهن ٻنهي قوتن جي ڪري هو زمين جي چوڌاري گردش ڪندو رهي ٿو.
1680ع ۾ نيوٽن ڪشش ثقل جو نظريو پيش ڪيو هن ٻڌايو ته هر جسم تي ڪشش ثقل اثرانداز ٿئي ٿي، نيوٽن جي ثقل واري قاعدي جي مطابق هر جسم ٻئي جسم کي پاڻ ڏانهن اهڙي قوت سان ڇڪي ٿو جيڪا جسم جي مايي سان نسبت رکندڙ آهي. جيڪڏهن ڪن به ٻن جسمن مان هڪ جسم جو مايو وڌيڪ ٿي وڃي ته انهن جي وچ ۾ ڇڪ واري قوت جو مقدار به وڌيڪ ٿي ويندو. ٻيڻي وزن واري جسم کي ٻيڻي ثقلي قوت هيٺ ڇڪيندي، پر ان جو مايو پڻ ٻيڻو هوندو ان جي ڪري ٻئي ساڳي تيزي سان هيٺ ڪرندا. نيوٽن ڪشش ثقل جي قانون مطابق ڪشش ثقل کي هن فارمولا ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو ـ
Fg = G (m1 ∙ m2) / r2
ڪشش ثقل جو زور آهي.Fg
ٻن جسمن جي مايو آهن.m1 ۽ m2
ٻنهي جسمن جي مفاصلي جي نشاني آهي. r2
ڪائناتي ثقلي قوت جي نشاني آهي.G
نيوٽن جو ڪشش ثقل جو فارمولا شمسي نظام جي حرڪت جي صحيح بياني ڪري ٿو ـ
نيوٽن اهو ته ٻڌايو ته ڪشش ثقل ڇا ٿي ڪري سگهي پر اهو آئنسٽائن بيان ڪيو ته اها ائين ڇو ٿي ڪري. آئنسٽائن جي ڪشش ثقل جي نظريي اهو واضح ڪيو جيڪو نيوٽن جي نظريو نه ڪري سگهيو. آئنسٽائن عطارد جو سج جي چوڌاري چڪر ڪرڻ جي طريقي کي بيان ڪيو. آئنسٽائن جي نظريي مطابق ڪشش ثقل ڪا قوت نه آهي بلڪ اها وريل مڪان ۽ زمان آهن. هن اهو ٻڌايو ته مڪان ۽ زمان هموار نه آهن جيئن ماضيءَ ۾ فرض ڪيو ويو هو. ڪنهن به جسم جو مايو مڪان تي اثر انداز ٿئي ٿو، اسان جو مڪان هڪ رٻڙ جي چادر وانگر آهي اهو مڙي به سگهي ٿو ۽ وري به سگهي ٿو. سج پنهنجي وڏي مايي جي ڪري مڪان کي ورائي ڇڏي ٿو ۽ ان جي ڪري ٻيا جسم ان وريل مڪان جي ڪري سج جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا. آئنسٽائن جي دعوا هئي ته ڪنهن به جسم جو مايو نه صرف مڪان کي ورائي ٿو پر اهو زمان کي به ورائي ٿو. ان ڪري مڪان ۽ زمان کي الڳ ڪري نه سمجهيو وڃي بلڪ انهن کي هڪ ئي (مڪان زمان) يعني اسپيس ٽائيم ڪري سمجهيو وڃي ـ
جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي چئو ٿا ته اوهان هن سان 3 وڳي ملندو ته ان سان گڏ اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڪٿي؟ جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ڪنهن جڳھ تي ملڻ جو چئو ٿا ان سان گڏ اوهان وقت به ٻڌائيندا تڏهن اها مڪمل ڄاڻ هوندي. جڏهن اوهان ڪنهن شخص سان ملو ٿا ته ان ۾ وقت ۽ جڳھ ٻنهي جو هجڻ لازمي آهي ـ
نيوٽن جو خيال هو ته روشني تي ڪشش ثقل جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي اهو خيال ڪنهن حد تائين صحيح به هو، جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته روشني سڌي لڪير تي سفر ڪري ٿي پر اصل ۾ روشني به ڪنهن وڏي مادي جي ڪشش ثقل جي ڪري وري ٿي. روشني جو لهري نظريي ۾ اهو واضح نه هو پر جيڪڏهن روشني به ننڍڙن جي ٺهيل آهي ته روشني تي به ڪشش جو اثر ائين ئي اثر ٿيندو جيئن هڪ راڪيٽ ۽ گرهن تي ٿئي ٿو. روشني کي ورندي اسان ان ڪري نٿا ڏسي سگهون ڇو ته اسان جي ڌرتي جي ڪشش ڪمزور آهي. آئنسٽائن جي اضافيت واري نظريي ۾ ائنسٽائن اهو بيان ڪيو ته روشني به ڪشش ثقل جي ڪري وري ٿي. جيڪڏهن هڪ تاري جي روشني سج جي ويجهو کان گذري ٿي ته اها به ٻين جسمن وانگر سج جي مايي جي ڪري وريل مڪان ۾ وري ٿي. خاص طور تي روشني جيڪا ڪارن سوراخن جي ويجهو گذري ٿي اها وري ٿي، خلائي تحقيق ڪندڙ سائنسدان هميشه اهڙي طريقي سان ئي وڏي جسم جي پويان موجود ڪهڪشان ۽ تارن جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. آئنسٽائن جو نظريو “ڪشش ثقل” انسانن کي زمين کان ٻاهر نڪري ڪائنات جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. مڪان ۽ زمان جي باري ان نئين تحقيق اسان کي هن ڪائنات ۾ موجود جسمن جي حرڪت کي سمجهڻ ۾ ڪافي ڄاڻ ڏني آهي. ـ
تازي ڪشش ثقل جي نظريي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ڪشش ثقل ننڍن عنصرن ذريعي اثر انداز ٿئي ٿي. انهن عنصرن کي گريويٽون سڏيو وڃي ٿو. گريويٽونس تمام ننڍڙا ذرڙا آهن جيڪي ڪشش ثقل جي قوت رکن ٿا، انهن جي ڪري ئي هر شي هيٺ ڪري ٿي. گريويٽون ئي جسمن کي هڪ ٻئي طرف ڇڪڻ جو سبب آهن. گريويٽون بابت اڃا ڪابه مڪمل تحقيق نه ڪئي وئي آهي پر جيڪڏهن اهي اصل ۾ آهن ته ڪشش ثقل جي ڇڪ لامحدود آهي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪشش ڪمزور ٿئي ٿي جڏهن جسم هڪ ٻئي کان پري هوندا آهن. تحقيق مطابق گريويٽون کي ڪوبه مايو نه آهي، فوٽانس وانگر گريويٽون به روشني جي رفتار ۾ سفر ڪري سگهن ٿا ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s