سنڌ ۾ گرمي پد وڌڻ جا سائنسي سبب ۽ حل ـ نظير احمد ڀنڀرو

Heat Waveگرمي پد ۾ اضافو عالمي مسئلو بنجي چڪو آهي جنهن جا ايندڙ ويهن سالن اندر انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندي نظر اچي رهيا آھن، هن ڌرتي جي موسم کي خودڪار ۽ قدرتي طريقي سان ٺيڪ رکڻ جو هڪ بهترين نظام جڙيل آھي جنهن کي انسان تباھ ڪري ڇڏيو آھي، ان تباهيءَ جي وڏن ڪارڻن ۾ تيزيءَ سان عروج تي پهتل صنعتڪاري ۽ وڻن جي گهاٽن ٻيلن جي تيزيءَ سان واڍي آھي. هڪ ته صنعتن جي چمنين مان خارج ٿيندڙ زهريلن گئسن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربن مونو آڪسائڊ جو ڪافي مقدار هر وقت هوا ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو پر هوا ۾ قدرتي ذريعن وسيلي پيدا ٿيندڙ آڪسيجن جا ذريعا يعني وڻ ٽڻ ٻُوٽا ۽ ٻيلا روز بروز تباھ ڪيا پيا وڃن جنهن سبب روز بروز آڪسيجن جي قدرتي پيداوار گهٽجندي پئي وڃي. زمين جي فضا ۾ هوا مختلف گئسن جي ميلاپ سان جڙيل آھي جنهن ۾ آڪسيجن 18 سيڪڙو آھي، اها هڪ عجيب قدرتي ڳالھه آھي ته آڪسيجن جي 18 سيڪڙي ۾ ڪا گهٽتائي نه اچي رهي آھي، آخر آڪسيجن جي اها کوٽ ڪٿان پوري ٿي رهي آھي…؟ ان جو به سائنسي جواب آھي ته آڪسيجن جو جيترو به فضول مقدار پيدا ٿيندو رهيو آھي اهو هوا جي بلڪل مٿاهين اسفيئر ۾ اوزون جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آھي، آڪسيجن جي هوا ۾ 18 سيڪڙو موجودگيءَ جي قدرت کي خبر آھي ته جيڪڏھن ان کان آڪسيجن جو سيڪڙو وڌيو يا گهٽيو ته ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ لاءِ خطرا پيدا ٿي پوندا، هوا ۾ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ اوزون آڪسيجن ۾ تبديل ٿي ويندي آھي ۽ آڪسيجن جي هوا ۾ 18 سيڪڙو جي موجودگيءَ کي برقرار رکندي آھي، اوزون خود آڪسيجن ئي ھوندي آھي پر آڪسيجن ۾ ٻه ماليڪيول هوندا آھن ۽ اوزون ۾ هڪ ماليڪيول هوندو آھي، ڏسو قدرت ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ لاءِ ڪيترو نه ڪرشماتي خودڪار نظام جوڙيو آھي ـ
اسان آڪسيجن، اوزون، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جو چڪر ۽ هوا ۾ ڌرتيءَ تي 18 سيڪڙو آڪسيجن جي زندگيءَ لاءِ لازمي ضرورت ۽ 18 سيڪڙو آڪسيجن جي سيڪڙي کي برقرار رکڻ جو قدرتي شاهڪار نظام سمجهي چڪا آھيون، هاڻي اصل بحث طرف ٿا اچئون.
هوا ۾ آڪسيجن جو 18 سيڪڙو جو لازمي طور موجود رهڻ جو قدرت طرفان هڪ قسم جو معيار قائم ڪيل آھي، فضا ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ شرط اوزون گئس جي تهه ۾ موجود گئس آڪسيجن ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آھي جنهن جو سبب آڪسيجن جي پيداوار جي قدرتي ذريعن جي تباهي آھي، اهو سلسلو لڳاتار جاري آھي جنهن سبب اوزون جو ٿلهو تَھُه سنهو ٿي رهيو آھي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي اوزون جو تَھُه غائب پڻ ٿي چڪو آھي. اوزون جي تَهَه جي موجودگي ڌتيءَ جي گولي جي چوڌاري ڦريل فضا ۾ بلڪل اوچائيءَ واري اسفيئر ۾ هوندي آھي، اوزون جي هن تَهَه ۾ قدرت اها صلاحت رکي آھي ته هن تَھَه مان زندگيءَ کي نقصان پهچائڻ وارا سج جا ڪرڻا ٽپي نه ٿا سگهن، انهن ڪرڻن جو نالو آھي الٽرا وايوليٽ ڪرڻا يعني سج جي روشنيءَ جا اهي ڪرڻا جن جي فريڪوئينسي واڱڻائي روشنيءَ کان وڌيڪ آھي. هنن ڪرڻن جي ڌرتيءَ تي پهچڻ سان زندگيءَ کي هاڃو پهچي ٿو ۽ ڪمزور طاقت رکندڙ زندگيءَ وارا جراثيم فورن مري وڃن ٿا ۽ مظبوط زندگي رکندڙ جانورن ۾ چمڙي، اکين جون بيماريون، نظر ۽ وارن جون بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون ـ
قدرتي نظام ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل موسمياتي بگاڙ کي به خودڪار طريقي سان ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، اوزون جي تَھَه جي سنهي ٿي وڃڻ ۽ ان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڦاڙ يا سوراخ پيدا ٿي پوڻ سبب الٽرا وايوليٽ ڪرڻا ڌتيءَ تي پهچندا رهن ٿا جنهن جي ٻين نقصانن سان گڏ ڌرتيءَ جي سراسري گرمي پد ۾ پڻ اضافو ٿي چڪو آھي، گرمي پد جي اضافي سان هڪ طرف ٿڌن علائقن ۾ موجود برف جا پهاڙ يعني گليشير تيزيءَ سان ڳري رهيا آھن جڏھن ته ٻئي طرف سمنڊن جو پاڻي به تيزيءَ سان ۽ عام حالتن کان وڌيڪ مقدار ۾ بخارن جي صورت ۾ تبديل ٿي هوا ۾ ملي رهيو آھي جنهن سبب ڌرتيءَ تي خطرناڪ برساتن ۽ ٻوڏن جو پيدا ٿيڻ به دنيا لاءِ ھڪ وڏي پريشاني بنجي چڪو آھي ـ
ايئن آخر ڇو آھي…؟ گهڻي مقدار ۾ برساتون آخر ڇو ٿيون وسن…؟ بلڪل، اهو ان جي لاءِ آھي ته جيئن ڌرتيءَ جو گرمي پد گهٽجي ۽ زندگيءَ لاءِ موزون گرمي پد ٿي سگهي، وڻ ۽ ٻيلا ڦٽن ته جيئن آڪسيجن جي قدرتي پيداوار وڌي سگهي ۽ اوزون جو تَھُه ٻيهر پنهنجي اصل صورت ۾ اچي سگهي ته جيئن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو برقرار رکڻ آسان ٿي سگهي ـ
قدرت ته پنهنجو ڪم بلڪل پابنديءَ سان ڪري رهي آھي، قدرت ته ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي خاتمي خلاف هر وقت بهترين عمل ۾ مصروف آھي پر ڇا اوهان ڪڏھن اهو سوچيو آهي ته پاڻ کي اشرف المخلوقات جي مليل لقب تي فخر ڪندڙ انسان ڇا ڪري رهيو آھي…؟ ان اشرف المخلوقات جي لقب واري انسان ڌرتيءَ تي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آھي، درياهن سان گڏ موجود ٻيلن کي ڪٽي ناس ڪري ڇڏيو آھي، جهنگن ۾ موجود عام جهنگلي وڻ پڻ ڪٽي ٻارڻ طور استعمال لاءِ وڪرو ٿو ڪري، ڪئنالن جي بندن کي مظوطي ڏيڻ لاءِ پوکيل وڻن کي به چند ڏوڪڙن لاءِ ڪٽڻ ۾ دير نه ٿي ڪئي وڃي…!!!ـ
هن پوري بحث ۾ اسان نتيجي تي پهچي چڪا آھيون ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جي بلڪل، جيترو ٿي سگهي ته صنعتن مان خارج ٿيندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جي پيداوار کي گهٽائڻ گهرجي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور ادارو هجڻ گهرجي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ زهريليون گئسون خارج ڪرڻ تي صنعتن کي پابند ڪري. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ وڻڪاري ڪرڻ لاءِ عوام کي همٿائڻ ۽ سهولتون ڏيڻ گهرجن ته جيئن عوام وڻڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي ۽ سرڪاري سطح تي سختيءَ سان ٻيلن جي نگهباني ۽ نون ٻيلن جي پوکيءَ کي هڪ مشن طور کڻڻ گهرجي ـ
اسان کي اميد آھي ته نه صرف سنڌ جو عام ماڻھو پر سنڌ سرڪار به هن ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري پنهنجيءَ ڌرتيءَ کي زندگيءَ جي لاءِ سازگار بنائڻ جي ڪوشش ڪندي ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s