اسان ساھ ڪيئن کڻون ٿا؟

Breathاسان جي جسم ۾ موجود هر سيل کي آڪسيجن جي ضرورت هوندي آهي، اها آڪسيجن اسان ساھ کڻڻ وقت حاصل ڪندا آهيون. سيل آڪسيجن کي کاڌي مان توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ان دوران ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪندا آهن. جسم ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو گهڻي مقدار ۾ هجڻ نقصانڪار آهي ڇو ته هو اسان جي رت ۾ تيزابيت پيدا ڪندي آهي. اهو عمل جنهن ۾ اسان هوا مان آڪسيجن کڻندا آهيون ۽ غير ضروري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪندا آهيون ان کي تنفسي عمل چئبو آهي ـ
تنفسي سسٽم جي بنيادي عضوا ڦڦڙ آهن، جيڪو اسان کي گئسن جي مٽاسٽا وارو عمل ڪندو آهي جڏهن اسان ساھ کڻون ٿا. هوا جو اندر اچڻ ۽ ٻاهر وڃڻ ساھ کڻڻ واري عمل جو هڪ اهم ڪم آهي، هي ڪم ڇاتيءَ جي چرپر سان ٿئي ٿو. هن عمل جا ٻه مرحلا ٿين ٿا، هڪ هوا جو جسم جي اندر داخل ٿيڻ جنهن کي انسپائريشن چئبو آهي ۽ هوا جي ٻاهر نڪرڻ واري عمل کي ايڪسپائيريشن چئبو آهي ـ
جيڪا هوا ساھ کڻڻ وقت نڪ مان کڻجي ٿي اها ساھ کڻڻ جي نلين وسيلي ڦڦڙ ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن سبب سيني ۾ مجموعي مقدار جي گنجائش وڌي تي ۽ ان واڌ سبب اندر جو دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو. ائين ٿيڻ سان هوا جو ٻاهريون دٻاءُ اندرين دٻاءُ کان وڌيڪ هجڻ سبب هوا اندر ڦڦڙن ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿي ۽ ڦڦڙ هوا سان ڀرجي وڃن ٿا. هوا جي ٻاهر نڪرڻ جي وقت وري سڄو سلسلو ابتو ٿئي ٿو يعني جڏهن اندريون دٻاءُ جو درجو هوا جي ٻاهرين دٻاءُ کان به وڌيڪ وڃي ٿو ته اهو گئس کي جسم کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. هوا جي اچ وڃ جو عمل اسان لاءِ تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان ذريعي ئي جسم ۾ موجود جيوگهرڙن کي توانائي ٺاهڻ ۽ ڪيميائي عمل ڪرڻ لاءِ آڪسيجن ملي ٿي. رت جا ڳاڙها جزا ڦڦڙن مان آڪسيجن گڏ ڪري جسم جي ٻين عضون ڏانهن پهچائن ٿا ۽ انهي عمل دوران ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ واپس ڦڦڙن ۾ ڇڏين ٿا. اسان کي هر وقت ساھ کڻڻ جي ضرورت پوي ٿي جيئن اسان جي جسم جا سيل انهي عمل ذريعي توانائي حاصل ڪري سگهن ـ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s